الهڏنو جوڻيجو

الهڏنو جوڻيجو (راڳي): مشھور عوامي راڳي الهڏني جوڻيجي، 1953ع ۾ ڳوٺ ميين ملوڪ، تعلقي تلهار، ضلعي بدين ۾، مسو خان جوڻيجي جي گهر ۾جنم ورتو. سندس تعليم مڊل ۽ ناظره قرآن پاڪ آهي. ننڍپڻ کان ئي استاد مٺو ڪڇيءَ جي رنگ ۾ ڳائيندو هو. بعد ۾ استاد مٺو کيس ڌاڳو ٻڌو، پر هن راڳ جي باقاعدي سکيا استاد محمد يوسف کان ورتي. 1991ع ۾ نصير مرزا کيس ريڊيو تي متعارف ڪرايو. ان بعد هن ڪيترن ئي ريڊيو ۽ ٽي وي جي پروگرامن ۾ ڳائي مقبوليت ماڻي. 1985ع کان 2010ع تائين سندس بيشمار ڪيسٽون پڻ رڪارڊ ٿيون. ريڊيو تي AA ڪئٽيگري ۾ منظور ٿيل الهڏني جوڻيجي، شاهه لطيف، سچل، مصري شاهه امام ۽ ٻين صوفي شاعرن سان گڏ شيخ اياز، استاد بخاري، تنوير عباسي، محسن ڪڪڙائي، اياز گل، سرويچ سجاولي، ادل سومري، حسن درس، آڪاش انصاري ۽ ٻين جي شاعري ڳائي آهي. چاليهه سال راڳ جي دنيا کي ارپيندڙ الهڏني جا ڳايل ڪجهه ڪلام تمام گهڻا مشھور ٿيا، جن ۾: جنت الفردوس آهن ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون، نيري پاڻيءَ ۾ ڪنول ڏاڍو وڻيو، هن شھر ۾ هڪڙو ماڻھو هو، جيڪو منھنجي دل جو راڻو هو، تنهنجي وڇڙي وڃڻ کانپوءِ تنهنجي يادن جا سفر هوندا، اهم آهن. 1983ع ۾ فاضل راهو جي شخصيت کان متاثر ٿي عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيو، پر فاضل جي شھادت کانپوءِ هن عوامي تحريڪ جي بنيادي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏني. 1991ع کان مستقبل طور بدين ۾ رهائش پذير آهي. هن ٻه شاديون ڪيون آهن، جن مان کيس ستن پُٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد آهي. سندس هڪ پُٽ پرويز امداد هارمونيم وڄائيندو آهي.


لفظ الهڏنو جوڻيجوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو